رحيم بخش قمر

رحيم بخش ’قمر‘: نامور شاعر، اديب ۽ صحافي رحيم بخش قمر ولد محمد عيسيٰ لاکو، 22 نومبر 1933ع تي ڳوٺ عمر راهو، تعلقي دولتپور صفن، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. ننڍي عمر ۾ ئي سندس والدين وفات ڪري ويا، جنهن سبب هن يتيميءَ ۾ گذاريو. ابتدائي تعليم شڪارپور جي مدرسي ’انوار العلوم‘ مان مولانا عبدالله کان ورتائين، جتي ٻن سالن تائين عربي صرف و نحو پڙهيو ۽ تعليم جي حصول بعد نوابشاهه ۾ گلزار مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب مقرر ٿيو. مولانا رحيم بخش لاکي جي زندگيءَ جو وڏو حصو نوابشاهه ۾ گذريو. هن شاعريءَ جي اصلاح حافظ محمد احسن چنا کان ورتي. بيت، وائي، ڪافي، غزل، گيت، قصيدا، مثنويون، مخمس، مسدس، مستزار، مولود، موري، ڇلڙي، لولي، لوڪ گيت، ڳيچ ۽ همرچي وغيره جھڙين صنفن ۾ لکيائين. شاعريءَ ۾ ’قمر‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس ڪلام روزاني ۽ هفتيوار اخبارن ۽ علمي، ادبي رسالن ۾ ڇپجندو رهيو ۽ ريڊيي تان به نشر ٿيو. سندس نثر ۽ نظم جا ٽيهه ڪتاب ڇپيل آهن، سندس شاعريءَ جو ديوان ’ديوان قمر‘ جي نالي سان 1967ع ۾ شايع ٿيو.

مولانا رحيم بخش بهترين سيرت نگار به هو. سيرت پاڪ تي لکيل سندس ڪتاب سيرت ’خاتم الانبياء‘ بهترين تصنيف آهي، جنهن تي صدر پاڪستان جنرل ضياء الحق، 24 نومبر 1986ع تي کيس پنج هزار روپيا انعام ۽ سيرت اوارڊ جي سند ڏني هئي.

سندس شايع ٿيل ٻين ڪتابن ۾: (1) ’جمال مصطفيٰ‘ (1961ع)، (2) ’آخرت جي پوک‘ (1962ع)، (3) ’درٻار مدينه‘ (1967ع)، (4) ’درٻار ڪربلا‘، (6) ’فضائل قرآن‘، (7) ’جواهر القمر‘ (1968ع)، (8) ’سڄڻ آيو سهنج ٿيا‘، (9) ’زيب الرجان عرف ڏاڙهي‘ (طنز و مزاح)، (10) ’کلائيندڙ لطيفا‘ (طنز و مزاح)، (11) ’صحبت اولياء‘، (12) ’لائوڊ اسپيڪر تي نماز‘ (تنقيد)، (13) ’خطابت روح اســلام‘، (14) ’تنـدون جي طلــب جـون‘، (15) ’ڳاڙيـنـديـن ڳوڙها‘، (16) ’چنڊ تنهنجي ذات‘، (17) ’گهايل گهڻا گهوٽ‘، (18) ’آءٌ نه گڏي پرينءَ کي‘، (19) ’روضـي پـاڪ رسـول جـي‘ (1993ع)، (20) ’سـاڻيـهـه جــي ســـاراهه‘، (21) ’کڻي نيڻ خمار مان‘ (1978ع)، (22) ’تنوير الاسلام‘، (23) ’سگهڙ جي سوغات‘ (1992ع)، (24) ’شهيدن جي شان ۾‘ (1992ع)، (25) ’محبت جي ميدان ۾‘ (1981ع)، (26) ’سهرا ۽ سيج‘ (1982ع) ۽ (27) ’ماڻڪ موتي وغيره شامل آهن. سندس علمي ڪمن تي کيس مختلف اوارڊ به مليا. هن زندگيءَ جو پويون دور مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه ۾ خطيب ٿي گذاريو. مولانا رحيم بخش ’قمر‘ 26 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي.


لفظ رحيم بخش قمرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.11.22  عيسوي

نامور شاعر، اديب ۽ صحافي رحيم بخش قمر ولد محمد عيسيٰ لاکو، 22 نومبر 1933ع تي ڳوٺ عمر راهو، تعلقي دولتپور صفن، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو.


1993.12.26  عيسوي

مولانا رحيم بخش ’قمر‘ 26 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرڀداس آوت رام ڪندناڻي
عثمان احساني
رامداس سوامي
احمد بخش بدوي
محمد حسين شوقي ٺٽوي
خسته نور محمد
اسير ملاح
آندل فقير
مخدوم محمد عارف سيوستاني 2
گل محمد آزاد صوفي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون